اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مراد سعيد جو وڊيو بيان سامهون اچي ويو آهي جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته هن انهن خبرن جي تصديق ڪئي آهي ته کيس ڏسندي ئي گوليون هڻڻ جا حڪم مليا آهن.پنهنجي وڊيو بيان ۾ مراد سعيد چيو ته ٿي سگهي ٿو اهو منهنجو آخري وڊيو پيغام هجي، تصديق ٿيل خبرون آهن ته مون کي ڏسڻ تي گوليون هڻڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، چيو ويندو ته مزاحمت ڪندڙن کي خبر ناهي ته گولي ڪٿان هلي.مراد سعيد وڌيڪ چيو ته هو اهي خواب لٽي وڃڻ چاهين ٿا جن کان هو ڊڄن ٿا، جيڪڏهن عوامي رد عمل نه آيو ته پوءِ عمران خان کي رستي تان هٽائڻ جي رٿابندي ڪئي آهي.










