خط اندروني معاملن ۾ مداخلت قرار، سخت جواب ڏيڻ جو فيصلو

خط اندروني معاملن ۾ مداخلت قرار، سخت جواب ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)قومي سلامتي ڪميٽي (اين ايس سي) چيو آهي ته خط پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ کليل مداخلت جي مترادف آهي، جنهن کي قبول نه ڪيو ويندو، ان جو سفارتي آداب مطابق سخت جواب يعني ‘اسٽرانگ ڊيمارچي’ ڏنو ويندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي (اين ايس سي) جو 37 هون اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. ڪميٽي جي اجلاس ۾ دفاع، توانائي، اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزيرن، گهرو، ناڻي، انساني حقن، منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزيرن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس، قومي سلامتي جي صلاحڪار ۽ اعليٰ انٽيليجنس عملدارن شرڪت ڪئي. قومي سلامتي ڪميٽي (اين ايس سي) جي اجلاس جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته قومي سلامتي جي صلاحڪار واسطيدار پرڏيهي ملڪ ۾ پاڪستان جي سفير سان اعليٰ سطحي پرڏيهي اهلڪار جي باضابطه رابطن ۽ پاڪستاني سفير پاران پنهنجي ملڪ موڪليل خط بابت ڪميٽي کي بريفنگ ڏني.ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير اسد مجيد ڏکڻ ايشيا بابت آمريڪي اسسسٽنٽ سيڪريٽري ڊيوڊ لو سان ملاقات بعد موڪليل ميمو ۾ چيو هو ته هن وزيراعظم جي روس واري دوري ۽ ان بعد يوڪرين تي روسي حملي جي مذمت نه ڪرڻ تي ڌمڪيون ڏنيون هيون. اسد مجيد پاڪستان جو سينئر ڪيريئر ڊپلوميٽ آهي ۽ آمريڪي معاملن جو ماهر آهي، هاڻي کيس برسلز ۾ سفير مقرر ڪيو ويو آهي ۽ پاڪستان آمريڪا ۾ مسعود خان کي سفير مقرر ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو