ڌمڪي  ڪيس: عمران خان جا ضمانت ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري

ڌمڪي ڪيس: عمران خان جا ضمانت ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ ملڪ امان عمران خان خلاف عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.پراسيڪيوٽر راجا رضوان عباسي چيو ته عدالت عمران خان کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو آهي.گذريل ٻڌڻي تي عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور نه ڪئي وئي، عمران خان جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور نه ڪئي وڃي ۽ عمران خان جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن. عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري آهن.پراسيڪيوٽر چيو ته اهڙو سلوڪ عمران خان کانسواءِ ڪنهن ٻئي ملزم سان به ٿيو هوندو. عمران خان طرفان وارنٽ تي هميشه اپيل داخل ڪئي ويندي آهي.عمران خان اپيل داخل ڪئي پر پاڻ عدالت ۾ پيش نه ٿيو، توشه خانه ڪيس ۾ وارنٽ جي تعميل لاءِ ويندڙ ايس پي تي تحريڪ انصاف پاران تشدد ڪيو ويو.عمران خان جي وڪيل علي بخاري چيو ته اسلام آباد انتظاميا توشه خانه ڪيس ۾ عدالت منتقلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو.عدالت عمران خان جي سڪيورٽي واپس وٺڻ بابت وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.عمران خان کي پنهنجي پسند جي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، عمران خان کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ پسند آهي.عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري چيو ته عمران خان جي ٻين ڪيسن ۾ ضمانت جو معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.عمران خان جي جان کي خطرو آهي، عمران خان صحيح نموني هلڻ جي قابل ناهي.عدالت کي عمران خان جي سيڪيورٽي جا انتظام به ڏسڻا آهن.جج چيو ته عمران خان جي حاضري کان استثنيٰ جون درخواستون ٻه ڀيرا رد ٿي چڪيون آهن، ان تي فيصل چوڌري چيو ته اڄ نئون ڏينهن آهي ان ڪري نئين حاضري کان استثنيٰ جي درخواست ڏني وڃي ٿي، ملڪي تاريخ ۾ اڳوڻو وزيراعظم سيڪيورٽي نه ملڻ سبب وزيرن جون جانيون ضايع ٿيون.ٻڌڻي دوران عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي.وڪيل علي بخاري چيو ته عمران خان جي وارنٽ تعميل جي رپورٽ بني گالا موڪلي وئي آهي، عمران خان بني گالا ۾ نٿو رهي، ايندڙ رپورٽ زمان پارڪ ڏانهن موڪلي وڃي.عمران خان جي وڪيلن به اڄ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي.عدالت عمران خان خلاف عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي 25 مئي تائين ملتوي ڪندي سندس جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا ۽ کيس زمان پارڪ ۾ وارنٽ جي تعميل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جڊيشل مئجسٽريٽ ملڪ امان عمران خان کي 20 هزار رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو