مانجهند (ن سنڌيار)مانجهند تعلقي ۾ برسات متاثرن جي اهنجن ۾ اضافو بکون ڪاٽڻ تي مجبور معصوم ٻار سخت بيمار واهر نه ٿيڻ خلاف انڊس ھاء وي تي ڌار ڌار ڌرڻا منظورآباد ۾ ايس يو پي ليڊيز ونگ طرفان ڌرڻو انٿظاميا خلاف نعريبازي تفصيل موجب مانجهند تعلقي جي شھر منظورآباد ۾ ٻوڏ متاثرن عورتن جو ايس يو پي ليڊيز ونگ جي مرڪزي سينئر نائب صدر ياسمين ٿيٻو جي اڳواڻي ۾ 3 ڪلاڪ نٽھڻ اس ۾ انڊس هاء وي تي ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت برسات متاثر بکن ۾ پاه ٿي رهيا آھن معصوم ٻارڙن سميت نٽھڻ اس ۾ زندگي گذارين پيا جنهن سبب ڪيترائي ٻار بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آھن پر سياسي ڀوتار من پسند ماڻھن جي اوطاقن تي خيمان ۽ راشن ڏياري موڪلين پيا هوڏانهن اي سي مانجهند متاثرن سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو ڳوٺ ڪوٽائي چانڊيا ۾ برسات متاثرن جو عبدالرحمان چانڊيو رحم حسين چانڊيو انور مڱڻھار جي اڳواڻي ۾ واهر نه ٿيڻَ ۽ برساتي پاڻي نيڪالي نه ڪرائڻ خلاف انڊس هاء وي تي هڪ ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت طوفاني برسات سبب گهر ڊھي پٽ ٿي ويا آھن جنهن سبب کليل آسمان هيٺ بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھيون برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب روڊن تي دربدر ٿي رهيا آھيون فوري طور پاڻي نيڪال ڪرائي سندن واهر ڪئي وڃي هوڏانهن ايس ايڇ او وڏا ڇڇر مظاهرين سان ڳالهيون ڪري يقين دهاني ڪرائي روڊ کولرايو ٻي طرف خاصائي ۾ برسات متاثرن محمد صديق ساند دين محمد ساند جي اڳواڻي ۾ واهر نه ٿيڻ خلاف انڊس هاء وي تي ڌرڻو هنيو ڊي ايس پي خاڻوٺ يقين دهاني ڪرائي روڊ کولرايو هوڏانهن ڳوٺ صوڀو مانجهند جي رهواسين ٻيڙيون نه ملڻ ۽ واهر نه ٿيڻ خلاف غلام نبي مانجهند هارون مانجهند جي اڳواڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو










