غوثپور (عبدالنبي ملڪ)ڳوٺ الاھي بخش بجاراڻي تي اٺ کان وڌيڪ اڻ ڄاتل ھٿياربندن جو حملو۔ ڳوٺ ۾ قائم پوليس پڪٽ جي اھلڪارن ۽ مقامي ڳوٺاڻن جي جوابي فائرنگ جاري۔ ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آھي۔ ڏوھارين ۽ ڳوٺاڻن جي فائيرنگ سبب علائقي ۾ ڏھڪاء پکڙجي ويو۔ ماڻھو خوف سبب گھرن ۾ بند۔واقعي جي اطلاع بعد پوليس جي اضافي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي. ڪجھ وقت اڳ مبينه ڏوھاري عزو سبزوئي علائقي جي سينيئر صحافي شير زمان جي ڳوٺ تي ھٿياربندن ساٿين سميت چڙهائي ڪري حملي ۾ جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪري ھڪ ڪشمور واسي پوليس اهلڪار کي شھيد ڪري ڇڏيو هو ۔ ڪجھ مھينن جي ٺاپر بعد اڄ وري ٻيهر مبينه ڏوھاري عزو سبزوئي ساٿين سان ڪاھ ڪري ساريالي فصل جي ٻيجاري کي پٽي ڇڏيو ۽ ڳوٺ جي مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني۔۔جنھن بعد علائقي ۾ ڪشيدگي وڌي ويئي۔ رابطي ڪرڻ تي ڳوٺ جي چڱي مڙس فيض علي بجاراڻي ٻڌايو ته اھي ڏوھاري وقتن بوقتن حراسان پريشان ڪن ٿا ۽ منٿليون گھرن ٿا۔ ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي تنوير احمد تنيو کي سختي سان معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.










