ممبئي (ويب ڊيسڪ)انٽرنيشنل ٽينس فيڊريشن ڊيوس ڪپ ٽائيٽل تي پاڪستان جو موقف قبول ڪري ورتو ۽ ڀارت جي اپيل رد ڪري ڇڏي.انٽرنيشنل ٽينس فيڊريشن جي آزاد ٽربيونل فيصلو ڏنو ته ڊيوس ڪپ ٽائي پاڪستان ۾ ئي ٿيندي.ڀارت پاڪستان ۾ عام چونڊن ۽ سيڪيورٽي جي بنياد تي ڊيوس ڪپ کي غير جانبدار جڳهه تي کيڏڻ چاهيندو هو ۽ گذريل مهيني انٽرنيشنل ٽينس فيڊريشن ڀارت جي موقف کي تسليم نه ڪيو هو.پاڪستان موقف اختيار ڪيو هو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال جو ڪو به مسئلو ناهي، ٻيون ٽيمون پاڪستان ۾ اچي رهيون آهن ۽ کيڏنديون آهن.انٽرنيشنل ٽينس فيڊريشن جي آزاد ٽربيونل پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڊيوس ڪپ نه کيڏڻ جو ڪو به ٹھوس سبب ناهي، پاڪستان ۾ سڪيورٽي صورتحال اهڙي ناهي جو ميچون نه ٿي سگهن.گذريل هڪ مهيني ۾ ٻه ڀيرا پاڪستان جي موقف کي تسليم ڪيو ويو ۽ آزاد ٽربيونل فيبروري ۾ ڀارت کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڊيوس ڪپ ٽائي 4 فيبروري تي کيڏي ويندي.










