ڪراچي (رپورٽر) گذريل ٽن مهينن اندر ٿيندڙ تيز برساتن کان پوءِ ڪراچي ۾ پاڻي جي نيڪال ۽ صفائي سٿرائي جي خراب صورتحال سبب شهر ۾ ڊينگي جا ڪيس وڌي رهيا آهن سنڌ جي صحت کاتي پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سڄي سنڌ ۾ 419 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جن ۾ 343 ڪيس ڪراچي جا آهن، سڀ کان وڌيڪ فوتگيون سينٽرل ضلعي ۾ رپورٽ ٿيون آهن سينٽرل ضلعي ۾ 15، اوڀر ضلعي ۾ 10، ڏکڻ ضلعي ۾ به ڪيس رپورٽ ٿيا آهن اوڀر ضلعي ۾ 107، ڏکڻ ضلعي ۾ 55، ڪورنگي ضلعي ۾ 36، ملير ضلعي ۾ 20، اولهه ضلعي ۾ 13 ۽ ڪيماڙي ۾ 13 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ان کان سواءِ حيدرآباد 52، ميرپورخاص 9، سکر 6، لاڙڪاڻو 6 ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 3 ڪيس رپورٽ ٿيا هلندڙ سال ڪراچي ۾ ڊينگي سبب 32 ماڻهو ۽ حيدرآباد ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو هلندڙ مهيني پهرين سيپٽمبر کان اڄ تائين ڪراچي ۾ 4 هزار 661 ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته گذريل مهيني آگسٽ ۾ سڄي ڪراچي ۾ 1265 ڪيس رپورٽ ٿيا هلندڙ سال سنڌ ۾ 7 هزار 951 ڪيس رپورٽ ٿيا.










