ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پپيتي جا پن وائرل ٿيڻ کانپوءِ صحت واري وزير جو بيان سامهون اچي ويو آهي.سنڌ جي صحت واري وزير عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته ڊينگي جي مريضن کي وڌ کان وڌ پاڻي پيئڻ گھرجي.پنهنجي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ سنڌ جي صحت واري وزير جو چوڻ هو ته پپيتي جا پن ڊينگي جي مريضن لاءِ فائديمند ناهن، پپيتو ڊائريا ڪندو آهي.هن چيو ته پاڻي خارج ٿيڻ سان ڊينگي جا وڌيڪ اثر ٿي سگھن ٿا، بخار ٿيڻ تي اسپرين جي ٽڪي استعمال نه ڪريو، اسپرين جي ٽڪي رت ڇٽو ڪندي آهي جهن سان بليڊنگ به ٿي سگھي ٿي، تنهن ڪري بخار ۾ رڳو پيراسٽامول ٽڪي استعمال ڪريو.صحت واري وزير عذرا پيچوهو جو وڌيڪ چوڻ هو ته پليٽيليٽس گھٽ ٿي رهيا هجن ته اسپتال ۾ داخل ٿي وڃو جيئن مانيٽرنگ ٿي سگھي، بليڊنگ جو خطرو وڌڻ تي پليٽيليٽس لڳايا ويندا آهن، هر مريض کي پليٽيليٽس ناهن لڳندا، طبيعت گھڻي خراب ٿيڻ تي پلٽيلٽيس ڏنا ويندا آهن.هن چيو ته ڊينگي جا سيپٽمبر ۾ هن وقت تائين ٽي هزار 20 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڊينگي جا هن سال هن وقت تائين 5 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.










