اسلام آباد )بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ جي غير مشروط معافي جي درخواست رد ڪندي کيس پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار ۾ ڊي سي اسلام آباد خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڊي سي اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ عدالت ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران جسٽس بابر ستار ڊي سي اسلام آباد کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا توهان سمجهو ٿا اهو مذاق آهي، توهان جي خلاف توهين عدالت جو ڪيس هلي رهيو آهي، توهان 970 ڏينهن لاءِ 69 ايم پي او جا آرڊر جاري ڪيا، توهان کي اولاد ناهي ٿيو؟ عمر نه گهرجي؟عدالت چيو ته اسان کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو آهي، سومر تائين جواب ڏيو، اهو ڪيس سڀاڻي مڪمل ٿيڻو هو، اوهان جي ڪري اهو نه ٿي سگهيو، مسٽر ميمڻ، ڇا اوهان کي عدالت جي حڪم جي خبر ناهي؟ ان تي ڊي سي اسلام آباد موقف اختيار ڪيو ته ان ڪيس ۾ 18 ٻڌڻيون ٿيون، مان ڪنهن به ٻڌڻي ۾ غير حاضر ناهيان، عدالتي حڪم جي خلاف وڃڻ جو سوچي به نٿو سگهان، پاڻ کي هن عدالت جي رحم ڪرم تي ڇڏيان ٿو.ٻڌڻي دوران ڊي سي اسلام آباد جي وڪيل راجا رضوان عباسي عدالت کي استدعا ڪئي ته توهان ناراض آهيو، ڪجهه دير کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي ڪريو، جنهن تي جسٽس بابر چيو ته ڇا توهان هاڻي بئنچ بڻجي ويندا؟ان دوران ايس ايس پي آپريشنز اسلام آباد جميل ظفر به عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت جي پڇا ڳاڇا تي ايس ايس پي آپريشنز جميل ظفر موقف اختيار ڪيو ته اسان جو ڌيان قيادت تي آهي، جنهن تي جسٽس بابر ستار پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن ڪو شخص اڳ ئي جيل ۾ آهي ته پوءِ؟ تون ان سان ڇا ڪندين؟ وري جيل ۾ وجهنداسين؟ايس ايس پي جميل ظفر عدالت کان غير مشروط معافي گهري ورتي.جسٽس بابر ستار چيو ته هو ايندڙ هفتي ان ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندو، جنهن بعد ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت ڊي سي اسلام آباد جي غير مشروط معافي جي درخواست رد ڪندي کيس پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو.عدالت ڊي سي اسلام آباد کي شوڪاز نوٽيس تي سومر تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










