نوشھروفيروز (ن سنڌيار) ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز شاھزيب شيخ جي صدارت ھيٺ فوتي ڪوٽا تي ڀرتي لاءِ ڊسٽرڪٽ ريڪروٽمنٽ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ ريڪروٽمنٽ ڪاميٽي ( ڊي آر سي) پاران 44 ڪيسن جي اسڪروٽني بعد منظوري ڏني وئي. انھن جا ڪيس لاڳاپيل کاتن کي آفر آرڊر ڏيڻ لاءِ موڪليا ويندا. اجلاس ۾ سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن جي نمائندي ۽ سڀني لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو تہ نوڪري دوران وفات ڪندڙ 44 سرڪاري ملازمين جي وارثن جا ڪيس منظور ڪيا ويا آھن، جن ۾ تعليم، آبپاشي، بلديات، صحت،ورڪس اينڊ سروسز، آن فارم واٽر منيجمنٽ، پبلڪ ھيلٿ ۽ ٻين کاتن جا ملازم شامل آھن.










