ڊي آءِ خان ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ 2 فوت 2 زخمي

ڊي آءِ خان ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ 2 فوت 2 زخمي

ڊيرا اسماعيل خان (م ڊ) جي تعلقي درابن ڪلان ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا. پوليس موجب درابن ڪلان چيڪ پوسٽ تي نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ويجهو بيٺل 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا. جڏهن ته پوليس جي جوابي فائرنگ سبب حملي آور فرار ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن ۾ هڪ شخص هوٽل ۽ ٻيو پيٽرول پمپ تي ڪم ڪندو هو.واقعي جو اطلاع ملندي ئي سيڪيورٽي فورسز واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ زخمي ٿيندڙن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس اختيارين علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن  شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو