ٺڪراٺو (ن سنڌيار)برسات جي تباهي بعد مسڪين مارن لاء وفاقي حڪومت پاران جاري ڪيل احساس پروگرام تحت آيل رقم جي مٿان بااثر ڊوائس مافيا جو ڌاڙو في ڪارڊ تي ٻھ هزار روپيه ڪٽوتي ڪرڻ لڳا ڪٽوتي نه ڪرڻ تي ڊوائس مافيا دوڪان بند ڪري هليا ٿا وڃن جنهن سبب مستحقين عورتون دربدر ڊوائس ايجنٽن جي بي واجبين خلاف مستحقن جو احتجاج مظاهرو ايس ايس پي سکر کي فوري طور نوٽيس وٺي ڪري سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ٺڪراٺو ( رپورٽ ) ٺڪراٺو جي بااثر ڊوائس ايجنٽن جي بي واجبين خلاف مستحق عورتن ۽ مردن جو احتجاجي مظاهرو ٺڪراٺو جي مين چوڪ وٽ برسات متاثرن کي امدادي رقم نه ملڻ ۽ ڊوائيس ھولڊرن پاران ھڪ ھٽي قائم ڪرڻ خلاف مستحق عورتن سان گڏ آيل مردن احتجاجي مظاھرو ڪيو آھي ، احتجاج ڪندڙن الھڏنو ملڪ لياقت علي شنباڻي راضي لولائي بخت الله مڱريو مير ھزار ملڪ ۽ ٻين دانھيندي چيو آھي ته ڊوائيس ھولڊر ڪٽوتي ڪرڻ لا۽ دڪان بند ڪري ھليا ويا آھن جيڪي 2 يا 3 ھزار ڏين ٿا انھن کي گھرن ۾ پئسا ڪڍي ڏين ٿا جڏھن ته ٻين مستحق عورتن کي دربدر ڪن ٿا امدادي رقم وارا پئسا ڪڍي نٿا ڏين احتجاج ڪندڙن مبارڪپور پوليس تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو ته بااثر ڊوائس ايجنٽن جون بار بار شڪايتون ڪيون آهن پر مبارڪپور پوليس ڪو به تحرڪ ناهي ورتو اسان کي شڪ آهي ته مبارڪپور پوليس پڻ انهن ظالمن سان ٻٽ بڻيل آهي اسين سکر جي نوجوان ۽ ايماندار ايس ايس پي سنگهار ملڪ صاحب کي ۽ سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيون ٿا ته نوٽيس وٺي سينٽر قائم ڪري ڊوائيس ھولڊرن کي پابند ڪري بنا ڪٽوتي جي امدادي رقم ڏياري وڃي.










