ڊفينس مان پنجين ڏينهن به پاڻي نه نڪتو، شهرين جو احتجاج

ڊفينس مان پنجين ڏينهن به پاڻي نه نڪتو، شهرين جو احتجاج

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊفيسن ۽ ڪلفٽن جي رهائشين جو صبر جواب ڏئي ويو نيٺ احتجاج لاءِ نڪري آيا. ڪينٽونمينٽ بورڊ ٻاهران سوين شهري جمع ٿي ويا، بورڊ انتظاميه عمارت جو گيٽ بند ڪري ڇڏيو. ڪجهه مظاهرين گيٽ مٿان ٽپڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس کين روڪي ورتو. مڇريل ماڻهن چيو ته هر مهيني پاڻي جي فراهمي، نيڪال، گند ڪچرو کڻڻ لاءِ اربين روپيا ٽيڪس ڀريون ٿا پر 5 ڏينهن کان اسانجي گهرن ۾ پاڻي بيٺو آهي، نه بجلي نه گيس نه فون ڪم ڪن ٿا.شهرين چيو ته ڪينٽونمينٽ بورڊ انتظاميه ڪو به ڪم نٿي ڪري رڳو پگهارون کائڻ ۽ لٽ مار ۾ مصروف آهن. شهرين چيو ته هو ڪراچي جي مهانگي ۽ پوش علائقن ۾ رهڻ لاءِ سڀني کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيون ٿا پر سهولتون نه هئڻ برابر آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو