ڊفينس سميت اڪثر علائقن ۾ چوٿين ڏينهن به پاڻي بيٺل

ڊفينس سميت اڪثر علائقن ۾ چوٿين ڏينهن به پاڻي بيٺل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي اورنگي ٽائون، ناظم آباد، اولڊ ايريا، سرجاڻي ٽائون، ڊفينس ۽ ملير جي مختلف علائقن ۾ چوٿين ڏينهن به برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، خيابان اتحاد، خيابان مسلم، خيابان محافظ، خيابان قاسم ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رستن توڙي گهرن اندر برساتي پاڻي بيٺل، سرجاڻي ٽائون جي مختلف علائقن مان چوٿين ڏينهن به برساتي پاڻي نيڪال نه ڪيو ويو، ملير جي کوهي ڳوٺ، ابراهيم ڳوٺ، ماروي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا، رهواسي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو