سوا روپيو بجلي في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري

سوا روپيو بجلي في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) مالي سال 23-2022ع لاءِ ڊسڪوز جي ٽئين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.نيپرا ٽئين ۽ چوٿين ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي جي اگهن ۾ 1 رپيا 25 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جو اطلاق جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر 2023 جي بلن تي ٿيندو.ڊسڪوز اٿارٽي کي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ لاءِ درخواست ڏني هئي.نيپرا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته نيپرا مئي جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ لاءِ سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي، ڪي اليڪٽرڪ ۽ سي پي پي اي مئي جي فيول اگهن بابت درخواستون جمع ڪرايون آهن.پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي قيمت ۾ 1 رپيا 49 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي آهي، ڊسڪو استعمال ڪندڙن لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 2 رپيا 5 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي آهي.درخواستن جي لازمي منظوري جي صورت ۾ ڊسڪوز صارفين تي 29 ارب رپيا ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي 3 ارب رپين کان وڌيڪ جو بار پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو