ڊرگھ بالا (ن س)سماجي اڳواڻ طارق علي ڏاهري جي تعاون سان حيدرآباد رليف فائونڊيشن طرفان ڊرگھ بالا شهر ۾ هڪ روزه مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي جتي مختلف مليريا .گيسٽرو .خارش چمڙي .سميت مختلف بيمارين جو مفت معائنو ڪيو ۽ هڪ هزار جي لڳ ڀڳ مريضن ۾ دوائون فراهم ڪيون ۽ آس پاس جي برسات متاثر هڪ سئو ڳوٺاڻن ۾ راشن به تقسيم ڪيو ان موقعي تي مريضن جو معائنو ڪندڙ ڊاڪٽرن جي تيم انچارج سجاد جويو. يوسف سيال ٻُڌايو ته هن وقت مليريا سبب صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي جنهن لاء سنڌ سميت ڪاڇي جي مسڪين متاثرن کي فوري رليف ڏيڻ ۽ انهن جون زندگيون بچائڻ انسانيت جو اولين فرض اھي ان حوالي هن فري ميڊيڪل ڪئمپ وسيلي متاثر مريضن جو اڄ مفت علاج ڪيو ويو آهي










