ڊاڪٽر جي جبري بدلي خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو

ڊاڪٽر جي جبري بدلي خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو

جاتي ( ن سنڌ يار ) جاتي شھر مان هڏن جي ڊاڪٽر جي جبري بدلي خلاف ٻي ڏينهن به شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي،تفصيلن موجب جاتي تعلقي مان هڏن جي ڊاڪٽر جي جبري بدلي خلاف ٻي ڏينهن شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، تعلقي اسپتال ۾ هڏن جي ماهر ڊاڪٽر ذوالفقار زنئور جي جبري بدلي خلاف شهرين ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران عادل لغاري،مقبول ٿهيم،عيسيٰ ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ٻي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، انسان دوست مسيحا ڊاڪٽر ساحلي پٽي جي هزارين هڏن جي مختلف جي بيمارين ۾ مبتلا سوين مريضن جو مفت ۾ علاج ڪري رهيو ھو مظاھرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته هڏن جي ماهر ڊاڪٽر ذوالفقار زنئور جي جبري بدلي جو ٿيل آرڊر واپس ورتو وڃي،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو