ڊالر کي پر لڳي ويا،وڌيڪ مهانگو

ڊالر کي پر لڳي ويا،وڌيڪ مهانگو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر هڪ ڀيرو ٻيهر عروج تي آهي ۽ گذريل ڪجهه ڏينهن کان ان جي اڏام بند نه ٿي آهي.ٻئي طرف آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ تيزي سان گهٽتائي ٿي رهي آهي.انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ اڄ ڊالر جي قيمت ۾ 4 رپيا 8 پئسا گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ هڪ آمريڪي ڊالر جي قيمت 229 رپيا 50 پئسا ٿي وئي آهي.اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ رپيو مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 234 رپيا 20 پئسا ٿي ويو آهي.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان
ان دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت ڪاروبار جو رجحان رهيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 185 پوائنٽن جي واڌ سان 42010 تي پهچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو