ڊالر مهانگو، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مليل جليل رجحان

ڊالر مهانگو، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مليل جليل رجحان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر جي اڏام اڃا تائين نه رڪجي آهي، جڏهن ته پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي.آمريڪي ڊالر اڄ صبح جي شروعاتي واپار ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ورتو آهي.انٽر بئنڪ ۾ اڄ صبح ڊالر مهانگو ٿيڻ بعد 223 رپيا 75 پئسا ٿي ويو آهي.گذريل جمعي ڏينهن ڪاروبار بند ٿيڻ تي ڊالر 223 رپيا 69 پئسا تي هو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ صبح جو ڪاروبار شروع ڪيو ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 34 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 42115 تي پهچي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو