ڊالر جي قيمت ۾ لاٿ جو سلسلو جاري، اڍائي رپيا سستو

ڊالر جي قيمت ۾ لاٿ جو سلسلو جاري، اڍائي رپيا سستو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستاني رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي ۽ ڊالر وڌيڪ اڍائي رپيا سستو ٿي ويو آهي. ڪاروباري هفتي جي شروعات تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 2 رپيا 49 پئسا گهٽتائي سان 213 رپين جو ٿي ويو آهي. ان دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي شروعات ۾ مثبت رجحان ڏٺو پيو وڃي.100 انڊيڪس 300 پوائنٽس کان وڌيڪ واڌ کانپوءِ 43 هزار جي سطح تي پهچي ويو آهي، 100 انڊيڪس 330 پوائنٽس جي واڌ سان 43187 تي واپار ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو