انٽر بئنڪ: رپيو مضبوط، ڊالر 216 رپيا 80 پئسا سستو ٿي ويو

انٽر بئنڪ: رپيو مضبوط، ڊالر 216 رپيا 80 پئسا سستو ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي.22 سيپٽمبر کان انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي.ڪالهه ڪاروباري هفتي جي شروعات تي انٽر بينڪ ٽريڊنگ جي پڄاڻي تي ڊالر 217 رپيا 97 پيسا تي بند ٿيو.اڄ اڱاري ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪئي پئي وڃي ۽ ڪاروبار دوران انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي ۽ ڊالر هڪ رپيو 17 پئسا سستو ٿي 216 رپيا 80 پئسا ٿي ويو.انٽر بئنڪ ۾ 22 سيپٽمبر کان ڊالر 22 رپيا 71 پئسا سستو ٿي ويو آهي.
اسٽاڪ ايڪسچينج: ڪاروبار جي مثبت شروعات
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ صبح ڪاروبار جي مثبت شروعات ٿي آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 147 پوائنٽس وڌي 42359 تي پهچي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو