ڊالر 40 پئسا سستو، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ منفي رجحان

ڊالر 40 پئسا سستو، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ منفي رجحان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ ٿوري گهٽتائي ٿي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 40 پئسا سستو ٿيڻ بعد ڊالر 285 رپيا 50 پئسا ٿي ويو آهي.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 285 رپيا 40 پئسا تي بند ٿيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ منفي ڪاروباري رجحان ڏٺو ويو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 192 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 41 هزار 641 تي اچي ويو آهي.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 41 هزار 833 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو