اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي جوڙجڪ لاءِ ويجهن ساٿين سان مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي.ذريعن موجب محمد اورنگزيب کي ناڻي وارو وزير، خواجا آصف کي بچاءَ ۽ اسحاق ڊار کي پرڏيهي وزير بڻائڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته احسن اقبال کي رٿابندي ۽ ترقي ۽ نجڪاري واري وزارتن جو قلمدان ڏيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته عطا تارڙ کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو قلمدان ملڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته راڻا ثناءُ الله کي گهرو معاملن بابت خاص مددگار جڏهن ته شمشاد اختر کي ناڻي بابت خاص مددگار بڻائڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب امير مقام کي آبي وسيلن ۽ مصدق ملڪ کي پيٽروليم ۽ توانائي واري وزارت جو قلمدان ڏيڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم جي مصطفيٰ ڪمال کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو وزير بڻائڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته فيصل سبزواري کي پورٽس اينڊ شپنگ ۽ فاروق ستار کي وزارت ڏيڻ جو امڪان آهي.










