.ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي سربراهه پروفيسر محمد يونس سان آچر تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عالمي، علائقائي ۽ ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي کاتي (FO) پاران ايڪس تي ڪيل پوسٽ مطابق، ڊار، يونس کي پنهنجي دوري دوران ٿيندڙ اڳڀرائين بابت آگاهه ڪيو۔ ٻنهي اڳواڻن “علائقي جي تازين حالتن ۽ علائقائي سهڪار جي امڪانن” تي ڳالهه ٻولهه ڪئي۔ پرڏيهي کاتي موجب، ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي ملڪن جي پراڻن رابطن جي ٻيهر بحالي، نوجوانن جي لاڳاپن جي واڌ، ڳانڍاپي کي وڌائڻ، ۽ واپار ۽ اقتصادي سهڪار کي وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان کان اڳ ڊار پنهنجي هم منصب سان ملاقات ڪئي هئي. جنهن ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش سفارتڪارن ۽ سرڪاري پاسپورٽس وارن لاءِ ويزا فري انٽري سميٽ مختلف شعبن ۾ تعاون لاءِ 6 معاهدا ڪيا. ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن مسٽر ڊار ۽ بنگلاديش جي پرڏيهي کاتي جي صلاحڪار توحيد حسين جي ملاقات بعد وفدن جي سطح تي ٿيل ڳالهين بعد سندن موجودگي ۾ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن معاهدي تي صحيحون ڪيون. پرڏيهي کاتي جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ مسٽر ڊار جي دوري کي تاريخي ۽ اهم پيش رفت قرار ڏيندي چو ته پاڪستان جي پرڏيهي وزير جو 13 سالن بعد ڪامياب دورو آهي. گذريل سال آگسٽ ۾ حسينه واجد جي حڪومت جو عوامي اڀار بعد تختو اونڌو ڪيو ويو هو ۽ هوءَ ڀارت هلي وئي هئي. سندس دور ۾ پاڪستان سان بنگلاديش جا لاڳاپا خراب رهيا هئا. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، جيڪو ڪالهه هڪ تاريخي دوري تي بنگلاديش پهتو، بنگلاديش جي اهم اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. گذريل مهيني پاڪستان جي گهرو وزير محسن نقوي جي دوري وقت ٻنهي ملڪن سفارتي عملي ۽ سرڪاري پاسپورٽس وارن کي ويز فري انٽر ڏيڻ تي اتفاق ڪيو هو ۽ هاڻي باضابطا معاهدو ڪيو ويو. معاهدن موجب ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي کاتي جي اڪيڊميز ۽ سرڪاري خابرو ادارن م تعاون جا ايم يوز به شامل آهن. تجارتي تعاون وڌائڻ لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپ ٺاهڻ بابت به ايم او يو شامل آهي. پاڪستان 5 سالن ۾ 500 بنگلاديشي شاگردن کي اسڪالرشپ ڏيندو، جن مان 145 مِديڪل جي شعبي ۾ هونديون، 100 سول سرونٽس کي به تربيت ڏني ويندي. ٻنهي ملڪن جي اسٽريجڪ اسٽرٽجيز ادارن ۾ تعاون جو معاهدو به ڪيو ويو آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب هنن معاهدن سان ٻه طرفو تعاون وسيع ٿيندو. بيان موجب ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي سڀني پهلوئن تي غور ڪيو، جن ۾ اعليٰ سطحي رابطا، واپار ۽ اقتصادي تعاون، عوام کان عوام تائين رابطا، ثقافتي مٽا سٽا، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ تعاون، ۽ انساني مسئلا شامل آهن. ملاقات ۾ علائقائي ۽ بين الاقوامي معاملن تي پڻ بحث ڪيو ويو، جن ۾ سارڪ جي بحالي، فلسطين جي مسئلي جو حل، ۽ روهنگيا مسئلو شامل آهن. پرڏيهي معاملن جي وزارت موجب، خوشگوار ماحول ۾ ٿيل ملاقات ۾، ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. ان کان اڳ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار بنگلاديشي واپار جي صلاحڪار سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، واپار واري وزير جام ڪمال خان سان گڏ، اڄ بنگلاديشي واپار جي صلاحڪار شيخ بشير الدين سان ملاقات ڪئي. اجلاس ۾ بنگلاديشي ڪاروباري ادارن جي اعليٰ عملدارن ۽ سربراهن پڻ شرڪت ڪئي، جن ۾ بنگلاديش بينڪ جو گورنر، بنگلاديش انويسٽمينٽ ڊولپمينٽ اٿارٽي جو ايگزيڪيوٽو چيئرمين، ٽريڊنگ ڪارپوريشن جو چيئرمين، سول ايوي ايشن اٿارٽي جو چيئرمين، ايڪسپورٽ پروموشن بيورو جو قائم مقام وائيس چيئرمين، بنگلاديش جي ڪامرس ۽ ايوي ايشن جا سيڪريٽري، ۽ نيشنل بورڊ آف روينيو جو چيئرمين شامل هئا. پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وفدن جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. آچر تي شام جو اسحاق ڊار بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم بيگم خالده ضيا سان به ملاقات ڪئي ۽ 2006 ۾ سندس پاڪستان جي دوري جون يادون تازيون ڪيون. بيگم خالده ضيا اڄڪلهه بيمار آهي، کيس شگر ۽ جگر جو عارضو به آهي ۽ وهيل چيئر استعمال ڪندي آهي.










