ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) شڪارپور جي بيگاري ڪڇ مان اينٽي وائلنٽ ڪرائم سيل جي ڪارروائي ڪري نارٿ ناظم آباد جو رهواسي 4 مهينن کانپوءِ بازياب ڪرائي ورتو، اغوا ڪندڙن ڇوڪري کي وائس چينجر ذريعي شڪارپور فون ڪري اغوا ڪيو ۽ ڪچي ۾ کڻي ويا.نارٿ ناظم آباد ٿاڻي تي 26 جولاءِ تي علي عباس جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.اغوا ڪندڙ علي عباس جي گهرڀاتين کان 70 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو پر پوليس اغوا ڪندڙ کي شڪارپور جي بيگاري ڪچي مان بازياب ڪرايو.پوليس جو چوڻ آهي ته مغوي کي سندس وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.










