ڇاڇرو(ن س) ڇاڇري ويجهو مسافر جيپ ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڳوٺ ڪيتاري کان عمرڪوٽ ويندي لانگ چيخز جيپ ڪانٽيو شهر ۾ ڪلٽي ٿي پئي. حادثي جي نتيجي ۾ ٻڻ عورتن سميت 16 مسافر زخمي ٿي پيا. زخمي کي طبي امداد لاءِ بنيادي صحت مرڪز ڪانٽيو منتقل ڪيو ويو، جتان ٻن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ عمرڪوٽ منتقل ڪيو ويو آهي. زخمي مسافرن ۾ تاج محمد راهمون، حسين نهڙي، جان مهدم راهمون، يعقوب درس، غلام شبير درس، عبداللطيف لغاري، شفيع محمد لغاري، جعفر ڪيتار، شير خان نهڙي، جيرام ۽ ٻيا شامل آهن. زخمي عورتن ۾ صالحان راهمون ۽ سڪينا زال عزيز الله راهمون شامل آهن.










