خانپورمھر(رپورٽ:آفتاب سيال)گهوٽڪي جي سياسي ماحول ۾ اُٿل پُٿل، علي گوهر خان مهر جي ڪراچي ۾ خشڪ هائوس تي اهم بيٺڪ، راجا خان مهر، غلام رسول انڙ، غوث بخش مهر ۽ ٻين جي شرڪت، گهوٽڪي جي سياسي صورتحال، سينٽ اليڪشن توڙي پ پ سان اتحاد سميت اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب گڏجاڻي ۾ گهوٽڪي جي تازي صورتحال بابت ويچاريو ويو ۽ سينٽ اليڪشن ۾ ووٽنگ بابت پڻ غور ويچار ڪيو ويو ان کان علاوه تازو پي ٽي آءِ جي ايم پي اي ۽ سردار علي گوهر خان مهر جي اهم اتحادي طور ليکيو ويندڙ سردار شهريار شر جي پ پ ۾ شموليت جي ڳالهين توڙي سردار علي گوهر خان مهر ۽ سندس ساٿين پاران پ پ ۽ شموليت بابت صلاح مشورا ڪيا ويا، اهڙي ملاقات جون خبرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد گهوٽڪي ضلعي جي سياسي ماحول ۾ مانڌاڻ مچي ويو آهي. ذريعن موجب شهريار خان شر سان علي گوهر خان رابطو ڪيو پر هن اجلاس ۾ شرڪت کان معذرت ڪئي. ذريعن موجب مهر گروپ جي نالي سان مشهور پريشر گروپ هاڻي سُڪڙجي ويو آهي، لاڙڪاڻي جا انڙ ۽ جيڪب آباد جا پنهور به پاسيرا ٿي ويا آهن.










