چين پاران 2 ارب 10 ڪروڙ ڊالرن جو قرض واپس نه ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

چين پاران 2 ارب 10 ڪروڙ ڊالرن جو قرض واپس نه ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چين پاڪستان جو 2 ارب 10 ڪروڙ ڊالرن جو قرض واپس نه ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي .ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته چين پاڪستان کي قرض ڏيڻ ۾ 2 سالن لاءِ دير ڪري ڇڏي آهي، ان حوالي سان چين جي ايگزم بئنڪ باضابطا طور تي پاڪستان کي خط لکي آگاهه ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي ان قرض تي اضافي سود ادا نه ڪرڻو پوندو، سمورن قرضن جي معاهدن جي مدي ۾ 21 جولاءِ 2023 کان 30 جون 2025 تائين واڌ ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو