اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)آمريڪي اقتصادي جرنل بلومبرگ جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته چين پرڏيهي قرضن جي مسئلي تي قابو پائڻ لاءِ پاڪستان کي مالي مدد جاري رکندو. بلومبرگ رپورٽ پاڪستان ۾ چيني قونصل جنرل جو حوالو ڏيندي چيو ته بيجنگ پاڪستان تي قرضن جي واپسي لاءِ ڪڏهن به دٻاءُ ناهي وڌو، پر تازو ئي 2 ارب ڊالرن جو قرض واپس ورتو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته چين پرڏيهي قرضن جي مسئلي تي ضابطو آڻڻ لاءِ پاڪستان کي مالي مدد جاري رکندو.










