بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چين پنهنجي نئين خلائي اسٽيشن تي هڪ ٻيو انسان بردار مشن موڪليو آهي. ان مشن ذريعي خلائي اسٽيشن تي 3 خلاباز موڪليا پيا وڃن جيڪي 6 مهينا اتي ڪم ڪندا. چيني خلائي ايجنسي سي ايم ايس اي اعلان ڪيو ته مشن ڪاميابي سان گوبي ريگستان لانچ سينٽر مان شنزو 14 خلائي جهاز ۾ مقامي وقت موجب 10:44 تي ڪاميابي سان لانچ ڪيو.










