چيف ڪمشنر تڪراري ٿي چڪو، استعيفيٰ ڏي، بيرسٽر گوهر

چيف ڪمشنر تڪراري ٿي چڪو، استعيفيٰ ڏي، بيرسٽر گوهر

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئريسٽر گوهر گوهر چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر تڪراري بڻجي ويو آهي، پارٽي مطالبو ڪري ٿي ته سڪندر سلطان راجا استعيفيٰ ڏئي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته ڪمشنر پنڊي ڪوڙو آهي ته ٻڌايو دھاندلي ڪيئن ٿي. اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي جاچ ڪئي وڃي،هن چيو ته اليڪشن ڪميشن فارم 45 جي ذميوار آهي، فارم 45 موجب نتيجا تيار ڪيا وڃن،فارم 45 موجب نتيجن جو اعلان ڪيو ۽ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو،بئريسٽر گوهر چيو ته گذريل ڏينهن 50 ايم اين ايز جي لسٽ اليڪشن ڪميشن کي موڪلي وئي هئي،هن چيو ته شفاف اليڪشن جو نتيجو نه آيو ته آءِ ايم ايف پروگرام به متاثر ٿيندو،بئريسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ مطالبو ڪري ٿي ته چيف اليڪشن ڪمشنر استعيفيٰ ڏئي، چيف اليڪشن ڪمشنر جي استعيفيٰ جو اهو ئي مناسب وقت آهي،پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته فيصلو ڪيو ويو ته سني اتحاد سان گڏ هلنداسين. اسان صوبائي اسيمبلي ۾ سني اتحاد سان گڏ هئاسين.

پهنجو تبصرو موڪليو