اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ بينچ اڄ ڊي لسٽ ڪئي.بينچ آڏو ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيل سمورا ڪيس پڻ ڊي لسٽ ڪيا ويا.رجسٽرار سپريم ڪورٽ ڪيسن کي ڊي لسٽ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو پر نوٽيفڪيشن ۾ بينچ کي ڊي لسٽ ڪرڻ جا سبب بيان نه ڪيا ويا.چيف جسٽس آف پاڪستان جي بئنچ ۾ جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس اطهر من الله به شامل هئا.بينچ آڏو 12 ڪيس اڄ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيا ويا.سپريم ڪورٽ بينچ نمبر 2 جي ڪيسن جي لسٽ به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي.جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس شاهد وحيد تي ٻڌل بينچ جي ڪاز لسٽ به رد ڪئي وئي آهي.










