اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيستائين سياسي بحران ختم نه ٿيندو معيشت مٿي نه ويندي، هڪ ئي رستو صاف شفاف چونڊون آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر فوري طور استعيفيٰ ڏئي، اسان کي ان تي اعتماد ناهي. عوام سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اسان جي حڪومت لاءِ هٿرادو سياسي بحران پيدا ڪيو ويو، جڏهن ملڪ صحيح رستي تي هلي رهيو هو ته اسان جي خلاف سازش ڪئي وئي، اسان جي حڪومت ۾ سڀ شيون هاڪاري ٿي رهيون هيون، هاڻ عوام ۾ شعور اچي چڪو آهي، قوم سجاڳ ٿي وئي آهي، اسان ڪنهن جي غلامي لاءِ تيار ناهيون. هن چيو ته اسان کي هارائڻ لاءِ سمورا حربا استعمال ڪيا ويا، هن چيف اليڪشن ڪمشنر جي هوندي صاف شفاف چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن، چيف اليڪشن ڪمشنر فوري طور استعيفيٰ ڏئي، اسان کي ان تي اعتماد ناهي. سندس موجب اسان کي خبر هئي ته اهي اقتدار ۾ اچڻ ڇو ٿا چاهين، انهن ايندي ئي 11 سئو ارب رپين جا ڪيس ختم ڪرائي ڇڏيا، مان انهن جا ڪيس ختم ڪرائڻ خلاف سپريم ڪورٽ وڃي رهيو آهيان. عمران خان چيو ته اڄ پاڪستان ڏيوالو ٿيندڙ ملڪن جي فهرست ۾ چوٿين نمبر تي آهي، موڊيز پاڪستان جي ريٽنگ ڪاٽو ڪري ڇڏي آهي، ريٽنگ ڪاٽو ٿيڻ جو مطلب اسان کي قرض به مهانگا ملندا، خدشو آهي ته واپڊا کي ڊيم ٺاهڻ لاءِ هاڻ پئسا نه ملندا، آءِ ايم ايف سان معاهدي کانپوءِ رپيو مضبوط ٿيڻو هو پر ويتر ڪِري پيو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هڪ ئو رستو آهي ته ملڪ ۾ صاف شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، سپريم ڪورٽ جو حڪم هو ته رياستي مشينري جي مداخلت نه هوندي، انهن ڪيس داخل ڪيا، رياستي مشينري استعمال ڪئي، سڀ کان وڌيڪ افسوس چيف اليڪشن ڪمشنر جو آهي، جنهن بد ديانتي ڪئي ۽ ن ليگ کي کٽرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي.










