لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين رميز راجا اڄ انگلينڊ روانو ٿيندو. هو ايم سي سي ڪرڪيٽ ڪميٽي ۽ آءِ سي سي جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندو. رپورٽن مطابق ڀارتي بورڊ جو سربراهه سارو گنگولي ۽ انگلينڊ جو ڪوچ برينڊن ميڪولم به ڪميٽي ۾ شامل آهن.رپورٽن مطابق ملاقات ۾ مستقبل جي دوري جي پروگرام تي غور ڪيو ويندو. ذريعن موجب انڊين ليگ جو دائرو وسيع ڪرڻ تي ڳالهيون ٿيڻ تي پاڪستان تحفظات جو اظهار ڪندو، رميز راجا اجلاس ۾ چار ملڪي ٽورنامينٽ جي تجويز کي اڳتي وڌائيندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي چيئرمين ٽي ملڪي ٽورنامينٽ جي انعقاد بابت مختلف بورڊز سان ڳالهيون ڪندو. رميز راجا پاڪستان جي دوري جي اڳڀرائي تي انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي بورڊن سان به ڳالهه ٻولهه ڪندو. ذريعن موجب رميز راجا اڳوڻي ڪرڪيٽرن سان ملاقات جي سائيڊ لائن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو.










