چيئرمين جي هدايت تي آبادگارن کي پئسا ڏيون پيا:ناصر شاهه

چيئرمين جي هدايت تي آبادگارن کي پئسا ڏيون پيا:ناصر شاهه

نوابشاهه (ن س) پيپلز يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز فار وومين شھيد بينظيرآباد جو پنجون ڪانووڪيشن اڄ يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري نيو ڪيمپس ۾ ٿي گذريو جنھن ۾ صوبائي وزير بلديات ۽ پبلڪ هيلٿ انجنئيرنگ سيد ناصر حسين شاهه مھمان خاص ۽ پارليامينٽري سيڪريٽري ھيلٿ افيئرس محمد قاسم سومرو ۽ ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ڊويزن عبدالعليم لاشاري اعزاز مھمان طور شرڪت ڪئي ان موقعي تي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ميڊيڪل جي شعبي ۾ تعليم ۽ تربيت مڪمل ڪندڙ اسان جون ھي نياڻيون اڄ پنھنجون ڊگريون وصول ڪري رھيون آھن جنھن تي کين ۽ والدين کي مبارڪ باد پيش ڪيان ٿو اميد آھي ته اڄ ڊگريون حاصل ڪندڙ نياڻيون پنھنجي شعبي ۾ ايمانداري سان ڪم ڪندي پنھنجي علائقي جي عوام جي خدمت ڪنديون ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت پاران عورتن کي برابري جي بنياد تي حق ڏيارڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن جنھن جو مقصد عورتن کي ٻين شعبن سميت تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ پڻ اڳتي آڻڻ آھي ھن وڌيڪ چيو ته ھن ڪاليج کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ ۾ شھيد محترمه بينظير ڀٽو جو پڻ وڏو ڪردار رھيو آھي ھن وڌيڪ چيو ته ھي يونيورسٽي ڊاڪٽرياڻيون ۽ پروفيسر پيدا ڪري رھي آھي جيڪو اسان جي قائد جي خواب جي ساڀيان آھي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته پ پ پ چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ھدايتن تحت سنڌ حڪومت ڊاڪٽري جي شعبي ۾ ڊگريون حاصل ڪندڙن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي صوبائي وزير يونيورسٽي کي بس ڏيڻ، آڊيٽوريم تعمير ڪرائڻ ۽ بھترين پارڪ تعمير ڪرائڻ جو اعلان پڻ ڪيو صوبائي وزير صحافين جي سوال جي جواب ۾ چيو ته پ پ پ چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ھدايتن تي برساتن سبب آبادگارن جي فصل کي پھتل نقصان جي ازالي لاءِ سنڌ حڪومت پاران جلد آبادگارن کي في ايڪڙ پنج ھزار روپين جي حساب سان رقم ڏني ويندي جڏھن ته برساتن سبب گھرن کي پھتل نقصان جي ازالي لاءِ ڪجھ ضلعن ۾ رقم ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي باقي رھيل ضلعن ۾ پڻ جلد رقم ڏني ويندي ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي پارليامينٽري سيڪريٽري ھيلٿ افيئرس محمد قاسم سومرو چيو ته تعليمي يافتہ نوجوان صوبي ۽ ملڪ جو اثاثو آهن ھتان کان ڊگريون حاصل ڪندڙ ملڪ جي خوشحالي لاءِ اھم ڪردار ادا ڪندا ھن وڌيڪ چيو ته اڄوڪو ڪانووڪيشن اوھان جي محنت ۽ والدين جي قربانين جو صلو آھي اميد آھي ته وڌيڪ محنت جاري رکي پنھنجي والدين علائقي ۽ ملڪ جو نالو ضرور روشن ڪندا تقريب کي خطاب ڪندي پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر گلشن ميمڻ چيو ته عورتن کي ميڊيڪل جي شعبي۾تعليم ۽ تربيت ڏيندڙ سنڌ جي ھي عورتن جي پھرين ميڊيڪل يونيورسٽي آھي جنھن مان ھزارن جي تعداد۾ اسان جون نياڻيون ڊگريون حاصل ڪري ملڪ جي مختلف حصن ۾ انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪري رھيون آھن ھن وڌيڪ چيو ته اڄ ميڊيڪل جي مختلف شعبن ۾ ايم بي بي ايس بيچ 2015،16، 2016،17، پوسٽ گريجوئيٽ، ڊي پي ڊي بيج 2014،15، 2015،16، 2016،17، فارما ڊي بيج 2014،15، 2015،16، 2016،17، بي ايس نرسنگ (جنرڪ) بيج 2015،16، 2016،17، 2017، 18، بي ايس نرسنگ(پوسٽ آر اين) بيج 2017،18، 2018،19 ۽ 2019،20 ۽ بي ايس پبلڪ ھيلٿ بيجز 2016،17 ۽ 2017،18 ۾ تعليم ۽ تربيت مڪمل ڪندڙ ھڪ ھزار کان وڌيڪ اميدوارن۾ گولڊ، سلور ميڊل ۽ ڊگريون تقسيم ڪيون ويون آهن ھن ڊگريون حاصل ڪندڙ ڊاڪٽرياڻين ۽ والدين کي مبارڪ باد پيش ڪندي پنھنجي نيڪ خواھشن جو اظھار پڻ ڪيو تقريب۾ صوبائي وزير پاران وي سي پروفيسر ڊاڪٽر گلشن ميمڻ ۽ ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ڊويزن عبدالعليم لاشاري کي يادگار شيلڊ ڏني وئي جڏھن ته وائيس چانسلر پاران صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه۽ پارليامينٽري سيڪريٽري ھيلٿ محمد قاسم سومرو کي يونيورسٽي جي يادگار شيلڊ پيش ڪئي ڪانووڪيشن۾ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري، ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ڊويزن عبدالعليم لاشاري، ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد شھريار گل ميمڻ ،ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي سميت يونيورسٽي جي پروفيسرن، ليڪچرارن، ڊينز سميت ڊاڪٽرياڻين ۽ والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو