اسلام آباد(بيورو)اليڪشن ڪميشن چوڌري شجاعت کي ق ليگ جو صدر ۽ طارق بشير چيما کي سيڪريٽري جنرل برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي چوڌري شجاعت پارٽي چونڊون روڪرائڻ لاءِ ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪئي هئي ٻڌڻي دوران چوڌري شجاعت جي وڪيل چيو ته پارٽي جي مرڪزي ورڪنگ ڪميٽي جي غيرقانوني اجلاس ۾ صدر ۽ جنرل سيڪريٽري کي هٽايو ويو چوڌري شجاعت جي وڪيل چيو ته پارٽي ۾ ورڪنگ ڪميٽي جو وجود ئي ناهي، پارٽي جو صدر ۽ جنرل سيڪريٽري برقرار آهن اليڪشن ڪميسن درخواست تي ٻڌڻي 16 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي










