لاهور (ويب ڊيسڪ) انڪشاف ٿيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ بابت مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻن کي سڌو سنئون ڪو به خط جاري ناهي ڪيو ويو.ذريعن موجب چوڌري شجاعت وڏي وزير جي چونڊ بابت پارٽي جي ڪنهن به ميمبر کي سڌو سنئون خط جاري ناهي ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته (ق) ليگ جي پنجاب اسيمبلي جي ڪنهن به ميمبر کي چوڌري شجاعت جو خط نه مليو آهي جنهن ۾ حمزه شهباز کي ڪوڙو ڳالهائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب چوڌري شجاعت ڳجهي طور تي ڊپٽي اسپيڪر کي خط اڍائي وڳي لکيو جڏهن ته (ق) ليگ جي ميمبرن ووٽنگ کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ کان خط جي خبر پئي.










