اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي ڪابينا چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ جي فيصلي جو جائزو ورتو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي پارليامينٽ جي قرارداد سان ٽڪراءُ قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو اقليتي فيصلو آهي ان ڪري ڪابينا ان کي رد ڪري ٿي، سپريم ڪورٽ جو فيصلو لاڳو ناهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ايوان ۾ آواز اٿاريندي، اتحادي پارٽيون سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ايوان ۾ بحث ڪنديون.سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي حڪومت پنهنجو موقف ايوان ۾ پيش ڪندي.ذريعن موجب ڪابينا سپريم ڪورٽ جي فيصلي بابت مختلف آپشنز جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو، اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ڪنهن به فورم کي خالي نه ڇڏيو ويندو، اقليت جو فيصلو اڪثريت تي مجبور نه ٿو ڪري سگهجي.ذريعن موجب ملاقات ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته ملڪ ڪنهن به آئيني ۽ سياسي بحران جو متحمل نه ٿو ٿي سگهي، سمورن اتحادين وزيراعظم کي مڪمل اعتماد جو يقين ڏياريو.ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس ڪالهه طلب ڪري ورتو آهي.










