چور پورهيت جو گهر ٻهاري ويا، پوليس ڪجهه نه ڪيو

چور پورهيت جو گهر ٻهاري ويا، پوليس ڪجهه نه ڪيو

ٺڪراٺو (ن س) ڳوٺ احمدو فقير مان پورهيت شاهنواز راڄڙ جي گهران ٽن چورن گهر ۾ گهڙي ڪمري جا دروازا ٽوڙي گهر ۾ پيل پيتيون کڻي ويا. گهر جي ٻاهران وڃي پيتين جا تالا ڀڃي انهن ۾ رکيل سون ۽ چاندي جا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان چورائي ويا. مبارڪپور پوليس کي بروقت اطلاع ڏنو ويو پر پوليس نه پهتي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن شاهنواز، حاجي عبدالمجيد، حبيب الله ۽ اقبال راڄڙ ٻڌايو ته اسان جي علائقي ۾ چورين جو آزار وڌي ويو آهي. روز بروز چوريون ٿين پيون پر مبارڪپور پوليس ڪو به تدارڪ نه ٿي ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو