چانڊين جي سردار جي گهر تي ڇاپي خلاف احتجاج

چانڊين جي سردار جي گهر تي ڇاپي خلاف احتجاج

سانگهڙ (رپورٽ نادر بڙدي)چانڊيا برادري جي چيف سردار نواب غيبي خان چانڊيو جي گهر تي پوليس چڙهائي خلاف چانڊيا برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو.پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ ٽڪيٽ هولڊر معشوق چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ وڏي انگ ۾ چانڊيا برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ھڪ سازش تحت چيف آف چانڊيا نواب غيبي خان چانڊيو کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ملوث ڪيو ويو آهي ۽ پوليس ان ڪوڙي ڪيس جي بنياد تي نواب غيبي خان چانڊيو جي گهر تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چارديواري جو تقدس پائمال ڪيو آهي جيڪو ڪنھن به صورت قابل قبول نه آهي اسين وزير اعلي سنڌ ۽ اعلي اختيارين کان گھر ٿا ڪيون ته غيبي خان چانڊيو مٿان قائم ڪوڙا ڪيس فوري طور تي ختم ڪيا وڃن.ياد رهي ته ميهڙ جي چانڊيا برادري جي ٽن ڄڻن کي مبينه طور غيبي خان چانڊيو سرداري نظام جي خلاف بغاوت تي قتل ڪرايو هو. اُم رباب جو ڏاڏو، والد ۽ چاچو مارجي ويا هئا. مک جوابدار گرفتار ناهن ٿيا، سپريم ڪورٽ سندن گرفتاري جو حڪم ڏئي چڪي آهي، جنهن بعد سنڌ پوليس ڇاپو هنيو پر جوابدار هٿ نه اچي سگهيا هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو