چارسده: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي چارسده جي تعلقي شبقدر ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 5 ٻارن سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 5 عورتون زخمي ٿي پيون.پوليس موجب شبقدر جي علائقي خير آباد ۾ زبون حال گهر جي ڇت ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت جڏهن ته 5 زخمي ٿي پيا.پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته گهر ۾ شادي جو پروگرام هلي رهيو هو ته اوچتو ڌماڪي سان زبون حال ڇت ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا. فوت ٿي ويلن ۾ 5 ٻار شامل آهن فوت ٿي ويلن ۾ ماءُ ۽ 3 ڌيئرون به شامل آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته گهر ۾ شادي جي تقريب هئي.پوليس موجب زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي فوتين ۽ زخمي ٿيل ماڻهو تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ پشاور کان خيبر شبقدر آيل هئا ته اهو سانحو پيش آيو.










