ڪورونا سبب 36 وڌيڪ فوت، دنيا ۾ وائرس جو ڦهلاءُ وڌي ويو

ڪورونا سبب 36 وڌيڪ فوت، دنيا ۾ وائرس جو ڦهلاءُ وڌي ويو

اسلام آباد (الله وسايو گهوٽو) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 36 انساني جانيون کسي ورتيون، 24 ڪلاڪن ۾ 2 هزار 738 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو مجموعي انگ 3لک 68 هزار 665 ٿي ويو آهي. اين سي اوسي موجب سنڌ ۾ مريضن جو انگ هڪ لک 59 هزار 752 آهي، پنجاب ۾ هڪ لک 12 هزار 893 ۽ ڪي پي ۾ 43 هزار کان وڌيڪ مريض رپورٽ ٿي چڪا آهن. ياد رهي ته دنيا ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيل ماڻهن جو انگ 13 لک 64 هزار کان وڌي ويو آهي، 5 ڪروڙ 72 لک کان وڌيڪ متاثر، برطانيا ۾ اڄ وڌيڪ 501 ماڻهو ڪورونا سبب فوت ٿيا آهن ۽ 22 هزار 915 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. امريڪا ۾  24 ڪلاڪن دوران 2 هزار 200 ماڻهو فوت، 12 لک کان وڌيڪ نوان ڪيس سامهون اچي ويا، اٽلي ۾ 650 ماڻهو فوت ٿيا ۽ 36 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ، يورپي يونين چيو آهي ته يورپي ميڊيسن ايجنسي ايندڙ مهيني جي آخر تائين 2 ڪورونا ويڪسينز مارڪيٽ ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو