ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ ايم اين ڄام عبدالڪريم طرفان شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ ضمانت نه ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو سنڌ هاءِ ڪورٽ مان ڄام عبدالڪريم کي مليل ٽن ڏينهن جي ضمانت پوري ٿي وئي، وڪيل ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس جي چالان ۾ڄاڻايو ويو ته ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ ڄام ڪريم خلاف ڪي به شاهديون نه مليون آهن وڪيل ذريعن موجب چالان جي ڪالم 2 ۾سندس نالو هجڻ سبب ضمانت ڪرائڻ جي ضرورت ناهي










