ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪابينا ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ پ پ جي قومي اسيمبلي ميمبر ڄام عبدالڪريم سميت سمورن جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ناظم جوکيو قتل ڪيس جي جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري وفاقي ڪابينا کان سرڪيوليشن سمري ذريعي طلب ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب ايم اين اي ڄام عبدالڪريم، سنڌ اسيمبلي ميمبر ڄام اويس، نياز سالار، حيدر علي ۽ ميرالي جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ان کان علاوه محمد معراج، ڄام احمد جمال، عطا محمد ۽ زاهد جا نالا به اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويندا.










