لاهور(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن جي لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه جي ڪيسن ۾ عبوري ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.جوابدارن ڪيسن مان دهشتگرديءَ جون شقون ختم ڪرڻ جي به درخواست ڪئي.ڪيس جي ٻڌڻي بعد عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن جي عبوري ضمانت ۾ 5 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي.پي ٽي آءِ جي جن اڳواڻن جي ضمانت ۾ واڌ ڪئي وئي انهن ۾ ياسمين راشد، حماد اظهر، ياسر گيلاني، زبير نيازي، عندليب عباس، جمشيد چيما، شيخ امتياز، اسلم اقبال، محمود الرشيد، نديم عباس، مراد راس، شفقت محمود ۽ مسرت جمشيد شامل آهن. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جي وڪيلن کي حتمي دليلن لاءِ طلب ڪري ورتو.










