اسلام آباد (بيورو)اسلام آباد جي مقامي عدالت پي ٽي آءِ لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان عدالت ۾ پيش نه ٿيو.چيئرمين پي ٽي آءِ جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته عمران خان جي جان کي خطرو آهي، هو پيش نه ٿو ٿي سگهي. اڳوڻي وزيراعظم جي وڪيل عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي، جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو. عدالت پي ٽي آءِ لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ 18 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي.










