سنڌ هاءِ ڪورٽ (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ روحاني ڪلينڪ تي ڇاپو هڻي ڀتي وٺڻ واري مامري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت جعلي صحافين مزمل ۽ وسيم هاشمي جي سزا جي معافي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي، عدالت جوابدارن کي جيل ۾ گذاريل وقت کي سزا ۾ تصور ڪندي ٻنهي کي جيل مان آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو پر سزا کي برقرار رکيو ،عدالت چيو ته اوهان جي سزا معاف نٿي ڪري سگهجي پر اوهان جا جيل م گذاريل ڏينهن رات سزا ۾ تصور ڪندي اوهان کي جيل مان آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي رهيا آهيو ، عدالت چيو ته اڄڪلهه هر ڪو ڀتا خوري ڪري ٿو، هنن کي ته 10 مهينا سزا به ملي آهي،پوءِ جيڪڏهن هو ٻيهر اهڙو ڏوهه ڪندا ته وري پڪڙيا ويندا، سرڪاري وڪيل چيو ته نومبر 2022 تي، جوابدارن روحاني ڪلينڪ تي بقا نيوز جي نالي تي ڇاپو هڻي ڀتو وصول ڪيو هيو، سرڪاري وڪيل چيو ته وڊيو ٺاهڻ بعد مدعي کان پيسا ورتا،دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻنهي جوابدارن کي پنج پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي










