ڀارتي ميزبانن کي هن وقت تائين شڪايت جو موقعو ناهي ڏنو:ترجمان

ڀارتي ميزبانن کي هن وقت تائين شڪايت جو موقعو ناهي ڏنو:ترجمان

اسلام آباد )بيورو رپورٽ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته ڀارتي لشڪر جي طرفان اسان کي شڪايت جو موقعو نه ڏنو ويو، هينئر تائين سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي. خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته جولاءِ ۾ ڀارت ۾ ٿيندڙ ايس سي او سربراهه اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي شرڪت بابت ڪجهه چوڻ اڳڀرائي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان کان سوال ڪيو ته بلاول ڀٽو جي جي شنڪر سان هٿ ملائڻ ۾ پراڻي تلخيءَ جي ڪا جهلڪ نظر نه آئي؟ ان جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته توهان ان کي تمام گهڻي اهميت ڏئي رهيا آهيو، اها معمولي رسم هئي، هڪ ميزبان ٻين پرڏيهي وزيرن وانگر مهمان جو استقبال ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو