اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدرِ مملڪت آصف علي زرداري ڪشمير جي شهيدن واري ڏهاڙي (يومِ شهدائي ڪشمير) تي 1931ع جي 22 شهيدن کي ڀرپور خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪشميري عوام جون قربانيون تاريخ جو هڪ روشن باب آهن، پاڪستان ڪشميري عوام جي حقِ خوداراديت جي ڀرپور حمايت جاري رکندو، ۽ ڀارت والاريل ڄمو ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ جبر جو سلسلو فوري طور بند ڪري. صدر آصف زرداري جو چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي فوري طور تي روڪيو وڃي، سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري فوجي حصار ختم ڪيو وڃي، ۽ ڀارت والاريل واديءَ ۾ آباديءَ جو توازن تبديل ڪرڻ واريون ڪوششون بند ڪري. هن وڌيڪ چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران کنيل هڪطرفا قدم غيرقانوني هئا، عالمي ورادري ڪشمير ۾ انساني حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ۽ ڪشمير جو حل گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب هجڻ گهرجي. پاڪستان هر حال ۾ پنهنجي ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ بيٺو آهي.










