’انڊس واٽر ٽريٽي، ڀارت فوري طور عالمي ثالثي عدالت جي حڪم تي عمل ڪري‘

’انڊس واٽر ٽريٽي، ڀارت فوري طور عالمي ثالثي عدالت جي حڪم تي عمل ڪري‘

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان، هيگ ۾ قائم مستقل ثالثي عدالت (PCA) پاران سنڌ طاس معاهدي بابت جاري ڪيل فيصلي جو ڀليڪار ڪندي ڀارت کان ان تي فوري ۽ ديانتداري سان عملدرآمد جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان مطابق، پاڪستان ثالثي عدالت جي تازي ضمني فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. جنهن ۾ عدالت پنهنجي دائري اختيار کي برقرار رکيو آهي. بيان ۾ چيو ويو ته عدالت ڀارت جي هڪطرفي ڪارروائي کي رد ڪندي منصفانه ۽ مؤثر ڪارروائي جاري رکڻ جو اشارو ڏنو آهي. ترجمان پرڏيهي وزارت جو چوڻ هو ته ثالثي عدالت جي فيصلي سان پاڪستان جو موقف درست ثابت ٿيو آهي ۽ اهو واضح ٿي ويو آهي ته سنڌ طاس معاهدو اڃا تائين لاڳو ۽ ڪارگر آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڀارت کي معاهدي تي هڪطرفي عملدرآمد جو ڪو اختيار حاصل نه آهي. پاڪستان، ڀارت کان ڪشن گنگا ۽ رتلي منصوبن تي ايماندارانه ۽ فوري عملدرآمد جو مطالبو ڪيو، جنهن بابت عدالت به پاڪستان جي مضبوط موقف کي تسليم ڪيو آهي. ياد رهي ته PCA جي قاعدن مطابق، “تڪميلي فيصلو” پهرين فيصلي کان پوءِ جاري ٿيندڙ اضافي فيصلو هوندو آهي، جيڪو اڪثر ڪنهن اڻمڪمل مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڏنو ويندو آهي. اپريل ۾، ڀارت مقبوضه ڪشمير جي پلهگام واري واقعي بعد سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪري ڇڏيو هو، جنهن ۾ 26 ماڻهو مارجي ويا هئا، ۽ ڀارت بنا ثبوت جي ان جو الزام اسلام آباد تي لڳايو هو. ان جي جواب ۾، پاڪستان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي کي ’جنگي قدم‘ قرار ڏيندي چيو هو ته معاهدي ۾ يڪطرفي معطلي جي ڪا به شق موجود نه آهي. ان کانپوءِ پاڪستان، 1969 واري ويانا ڪنوينشن آن دي لا آف ٽريٽيز جي ڀڃڪڙي جي بنياد تي عدالت سان رجوع ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو هو. پرڏيهي وزارت جي بيان مطابق، ڪشن گنگا ۽ رتلي هائيڊرو پاور منصوبن بابت پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جاري تڪرار تي فيصلو ڪندڙ ثالثي عدالت 27 جون 2025 تي جاري ڪيل تڪميلي فيصلي ۾ واضح ڪيو ته ان جو دائرو اختيار برقرار آهي، ۽ ان تي لازم آهي ته هو هن مامري کي بروقت، منصفانه ۽ مؤثر طريقي سان اڳتي وڌائي. عدالت، ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي غيرقانوني ۽ يڪطرفي طور معطل ڪرڻ واري اعلان جي روشنيءَ ۾ هي فيصلو جاري ڪيو. بيان ۾ چيو ويو: “هي فيصلو پاڪستان جي موقف کي درست ثابت ڪري ٿو ته سنڌ طاس معاهدو اڃا تائين موثر ۽ فعال آهي، ۽ ڀارت کي ان کي يڪطرفي طور معطل ڪرڻ جو ڪو به حق حاصل ناهي.” پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڀارت تي زور ڀريو ته “فوري طور سنڌ طاس معاهدي جي معمول مطابق عملداري بحال ڪري ۽ پنهنجا معاهدي وارا فرض ايمانداري سان مڪمل ڪري.” هن کان اڳ به پاڪستان، انڊس واٽر ڪميشن ڪيس ۾ PCA پاران ابتدائي فيصلو جاري ڪرڻ جو ڀليڪار ڪندي چيو هو ته ڀارت معاهدي کي هڪطرفي طور معطل نٿو ڪري سگهي. حڪومت جي بيان مطابق، “پاڪستان کي اميد آهي ته جولاءِ 2024 ۾ هيگ جي پيس پيليس ۾ ٿيندڙ ٻڌڻي کانپوءِ عدالت ميرٽ تي پهرين مرحلي جو فيصلو مناسب وقت تي جاري ڪندي.” حڪومت چيو هو ته ان وقت سڀ کان اهم ترجيح هي آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان ٻيهر بامقصد ڳالهين جي رستي کي ڳولين، جنهن ۾ سنڌ طاس معاهدي جو نفاذ به شامل هجي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته پاڪستان ڀارت سان سڀني تڪراري مسئلن بشمول ڪشمير، پاڻي، واپار ۽ دهشتگردي تي بامقصد ڳالهين لاءِ تيار آهي. ڀارتي اخبار “دي هندو” مطابق، ڀارتي پرڏيهي وزارت عالمي ثالثي عدالت جي تڪميلي فيصلي کي “سراسر رد” ڪندي چيو ته هو ان عدالت کي مڃين ئي نٿا.
ڀارتي وزارت خارجه پاران جاري بيان ۾ چيو ويو ته ڀارت ڪڏهن به انهيءَ نام نهاد ثالثي عدالت کي قانوني طور تي تسليم نه ڪيو آهي، ۽ ڀارت جو موقف شروعات کان اهو رهيو آهي ته هيءَ نام نهاد ثالثي عدالت جو قيام پاڻ انڊس واٽر ٽريٽي جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، ان ڪري هن فورم جي سامهون ڪا به ڪارروائي يا ان جو ڪو به فيصلو يا ايوارڊ قانوني نه آهي ۽ پاڻمرادو ڪالعدم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو